SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


محصول ۽ واپار جو گڏيل معاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


محصول ۽ واپار جو گڏيل معاهدو

GATT General Agreement on Tariffs and Trade

جينرل اگريمنٽ آن ٽيرفس ائنڊ ٽريڊ

هن معاهدي جو بنياد اپريل 1947ع ۾ ٽيويهه مُک واپاري رياستن طرفان، گڏيل قومن جي واپار ۽ روزگار بابت سڏايل ڪانفرنس جي نتيجي ۾ پيو، جنهن جو مقصد واپار تي لاڳو محصولن کي گهٽائيندي، واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سطح تي واپار جي سلسلي ۾ قانون ۽ قاعدا بڻائڻ آهي. وجود ۾ اچڻ کان وٺي تنظيم جو مکيه مقصد گهڻ قومي ڪانفرنسن، سفارتي ڪوششن ۽ ”انتهائي پسنديده ملڪ“ (MFN) جو نظريو اڳتي وڌائيندي، رياستن وچ ۾ ٿيندڙ واپاري محصولن ۾ گهٽتائي آڻڻ هو. هن تنظيم جي ٻين مکيه مقصدن ۾ بين الاقوامي سطح تي واپار جي سلسلي ۾ قاعدا بنائڻ، برابريءَ جي بنياد تي واپار جون سهوليتون مهيا ڪرڻ ۽ واپار کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ موجود رڪاوٽن وغيره کي ختم ڪرڻ هجي ٿو. هن تنظيم جي بُنيادي پُروگرام ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته معاهدي ۾ ايندڙ مڙني ڌرين کي برابريءَ جي بُنياد تي واپار ۾ سهوليت ملڻ کپن. اها تنظيم گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. 1995ع ۾ WTO بڻجڻ کانپوءِ، تنظيم جي اهميت گهٽي. هن تنظيم جو مرڪزي دفتر سُئٽزرلينڊ جي راڄڌاني جينيوا ۾ آهي


Remember Me Also:

ڌوتارو

ذ. صفت. [سن. ڌورت] ڌتاريندڙ ، ٺڳ ، دغاباز.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal